بالي ووڊ اداڪار سنجي دت منشيات جي خاتمي واري مهم جو حصو بڻجندو

0
43
sanjay dutt

ممبئي  (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت به منشيات جي خاتمي واري مهم جو حصو بڻجندو.

 تفصيل موجب اداڪار سنجي دت ” ڊرگ فري انڊيا “ مهم جو حصو بڻجندو، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي ان وڌندڙ منشيات جي استعمال کان روڪڻ آهي.

 ان سلسلي ۾ اداڪار سنجي دت چندي ڳڙهه ۽ حسار ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪندو ۽ ماڻهن کي ان سان لاڳاپيل پنهنجي زندگي جا واقعا بيان ڪندو.

 اداڪار سنجي دت فلم ” ڪلنڪ “ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو، فلم هلندڙ سال 19 اپريل تي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.

LEAVE A REPLY