اسلامي فوجي اتحاد جو وفد جنرل ( ر ) راحيل شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پهچي ويو

0
88
Raheel Sharif

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي فوجي اتحاد جو وفد جنرل (ر) راحيل شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پهچي ويو آهي.

تفصيل مطابق چاليهه ملڪن جي اسلامي فوجي اتحاد جو وفد آچر جي رات دير سان پاڪستان پهچي ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي پاڪستان جو اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف ڪري رهيو آهي.

 اسلامي فوجي اتحاد جي وفد جو هي پهريون پاڪستاني دورو آهي، وفد ٻه ڏينهن پاڪستان ترسندو.

 وفد پنهنجي قيام دوران جنرل (ر) راحيل شريف جي اڳواڻي ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو، جنرل (ر) راحيل شريف وزيراعظم عمران خان سان خاص ملاقات ڪندو.

 اسلامي فوجي اتحاد جو وفد چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقاتون ڪندو.

 ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستاني دوري بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ خطي جي صورتحال غور هيٺ آندي ويندي.

LEAVE A REPLY