ذهني دٻاءُ هڏين جي ڪمزوري جو سبب بڻجندو آهي: ماهر

0
44
Man Tension

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق مطابق ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا رهڻ جسم ۾ وٽامن ڊي جي سطح کي گهٽ ڪري ڇڏيندو آهي جنهن سبب هڏيون ڪمزوري جو شڪار ٿي وينديون آهن.

تفصيل موجب ذهني دٻاءُ هڏين جي ڪمزوري جو سبب بڻجندو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ذهني دٻاءُ جي شڪار مردن جي مقابلي ۾ عورتون وڌيڪ هونديون آهن ان ڪري انهن ۾ هڏين جي ڪمزري جو امڪان به وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق مطابق اهڙن ماڻهن ۾ هڏين جي فريڪچر جو خطرو 3 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.

ڊگهي عرصي تائين ذهني دٻاءُ ۾ رهڻ جسم ۾ مختلف مادن جي مقدار غير متوازن بڻائي ڇڏيندو آهي جيڪو جوڙن ۽ هڏين تي خراب اثر وجهندو آهي ۽ خليا ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيڻ سبب فريڪچر جهڙن مسئلن جو سبب بڻجڻ جو خطرو وڌائي ڇڏيندا آهن.

LEAVE A REPLY