خانگي ٽور آپريٽرن طرفان عوام کي سرڪاري کان سستو حج پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو

0
25
Hajj Package

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خانگي ٽور آپريٽرن عوام کي سستو حج پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب خانگي ٽور آپريٽرن عوام کي سستو حج پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سرڪاري حج مهانگو ۽ خانگي حج سستو ٿي ويو آهي.

 خانگي حج ٽو آپريٽرز 3 لک 80 هزار رپين جو حج پيڪيج تيار ڪيو آهي.

 حج پيڪيج ايسوسيئيشن آف آل پاڪستان انرولڊ ڪمپنيز پاڪستان تيار ڪيو آهي جنهن کي عزيزيه حج 2019ع جو نالو ڏنو ويو آهي.

خانگي حج ٽور آپريٽرز جي سرپرست اعليٰ شاهه جهان خليل چيو ته حڪومت حج خرچن ۾ اضافي جو سبب ٽيڪس ۽ ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ٻڌائي رهي آهي.

هن چيو ته حڪومت اسان کي ذميواري ڏي اسان پاڪستانين کي سستو حج ڏينداسين.

LEAVE A REPLY