ڀارتي اداڪارا ناگا جهانسي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
53
Naga Jhansi

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ناگا جهانسي محبت ۾ ناڪامي  تي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

 ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي تيلگو ٽي وي جي مشهور اداڪارا ناگا جهانسي جي پکي ۾ لڙڪيل لاش ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ واقع سندس اپارٽمينٽ مان ملي آهي.

 پوليس موجب 21 ورهين جي ناگا جهانسي واقعي جي وقت پنهنجي گهر ۾ اڪيلي هئي، سندس ڀاءُ درگا پرسا ڪيترائي ڀيرا ڪوشش جي باوجود گهر جو دروازو نه کلڻ تي پاڙيسرين سان گڏجي دروازو ٽوڙيو جتي ناگا جهانسي جو لاش پکي ۾ لڙڪيل هو.

اداڪارا ناگا جهانسي جي مائٽ جو چوڻ آهي ته جهانسي پنهنجي مائٽ سوريا جي محبت ۾ گرفتار هئي جڏهن ته ٻنهي جي رشتي کي سوريا جي گهر وارن طرفان منظوري نه ملي رهي هئي.

 جڏهن ته نوجوان به جهانسي کي رشتي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، سوريا جي انڪار تي جهانسي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY