تبديلي سرڪار جو عوام کي نئون تحفو: ايل پي جي اگهه ۾ في ڪلو 5رپيا 58پئسا واڌ

0
61
LPG Gas

اسلام آباد: اوگرا ايل پي جي اگهه ۾ في ڪلو 5 رپيا 58 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي.

 تفصيل موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ايل پي جي جي اگهن ۾ 6500 رپيا في ٽن واڌ ۽ 430 ڊالر کان وڌي 460 ڊالر في ٽن ٿي ويو جنهن کانپوءِ اوگرا عالمي اگهه کي نظر ۾ رکندي ايل پي جي جو اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اوگرا فيبروري مهيني لاءِ ايل پي جي جي اگهه ۾ 5 رپيا 58 پيسا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ ايل پي جي 115.3 جي بدران 120.8 رپيا في ڪلو هوندي.

 گهرو سلينڊر جي اگهه ۾ 66 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر جي اگهه ۾ 250 رپيا واڌ ڪئي.

هاڻ گهرو سلينڊر 1361 بدران 1428 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 5240 بدران 5493 رپين ۾ ملندي.

نوٽيفڪيشن مطابق ايل پي جي جي پيداوارا اگهه ۾ 4776 رپيا في ميٽرڪ ٽن واڌ ڪئي وئي آهي.

 گذريل مهيني ايل پي جي جي پيداواري قيمت 58 هزار 962 رپيا هئا جيڪا هاڻ نئين اگهه سان گڏ 63 هزار 728 رپيا ٿي وئي آهي.

LEAVE A REPLY