سگريٽ پيئندڙن جا ٻار به موذي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا: ماهر

0
140
Parents smoking

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صحت بابت ماهرن خبردار ڪيو آهي ته سگريٽ پيندڙ والدين جا ٻار به موذي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.

تفصيل مطابق آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي صحت واري شعبي جي ماهرن جي تحقيق مان تصديق ٿي آهي ته سگريٽ ڇڪيندڙ والدين سان گڏ روزانو 10 ڪلاڪ گذاريندڙ ٻارن جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.

ماهرن چيو آهي ته سگريٽ نه پيئندڙ والدين جي ٻارن جي مقابلي ۾ سگريٽ جي عادي والدين جي ٻارن ۾ دل جي بيمارين ۾ 27  سيڪڙو، فالج 23 سيڪڙو ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ 42 سيڪڙو کان وڌيڪ مبتلا ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن.

تحقيق ڪندڙ ماهرن موجب سگريٽ جا عادي ماڻهو ڦڦڙن، چپن ۽ منهن جي ڪينسر ۾ مبتلا پڻ ٿي ويندا آهن.

LEAVE A REPLY